چمبڙ: چمبڙ لنڪ روڊ جروار پڪو درگاهه مصري شاهه ويجهو چمبڙ ۽ بڪيرا شريف پوليس جو ڏوھارين سان مبينا پوليس مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. چمبڙ پوليس مطابق ٽنڊوالھيار-چمبڙ مين روڊ دل پمپ وٽ پوليس گشت دوران 2 موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، موٽرسائيڪل سوار پوليس مٿان فائرنگ ڪندي لنڪ روڊ جروار پڪي ڏانهن لهي ويا، اطلاع تي ڊي ايس پي چمبڙ عثمان لغاري جي اڳواڻي ۾ بڪيرا ۽ چمبڙ پوليس جي وڏي نفري ڏوهارين جو پيڇو ڪندي درگاھه مصري شاهه ويجهو پهتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا محمد حسن ماڇي ۽ زاھد علي ڳاھو زخمي ٿي پيا، جن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 2 نامعلوم ڏوهاري فرار ٿي ويا، زخمي ڏوھارين کي سول اسپتال ٽنڊوالھيار منتقل ڪيو آهي، جوابدارن وٽان هٿيار مليا، جوابدارن مٿان سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي 22 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن. چمبڙ ٿاڻي تي 4 ڏوهارين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close