پاڪستانسنڌ

ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ٿيا،سنڌ محفوظ آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه ڪراچي ۾ محرم الحرام جي جلوس جي رستن جو دورو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ٿيا آهن پر الحمدالله سنڌ، انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ سمورن قانونن لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ سٺن لاڳاپن سبب محفوظ آهي. هن اها ڳالهه ايم اي جناح روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. جتي هن 9 ۽ 10 محرم الحرام جي جلوسن جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. هن سان گڏ وزير محنت سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ پڻ گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن کي ضروري هدايتون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الرٽ آهن ۽ صوبي ۾ امن امان لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته موبائل فون سروس سيڪيورٽي سبب بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان ڪري انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن جلوس جي سمورن اچ وڃ وارن رستن، پارڪنگ جڳهن ۽ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي مقرري وارن هنڌن جو دورو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انشا الله سڀ ڪجهه پلان موجب ٿيندو. ان کان اڳ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.

هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عاشوري جي ڏهاڙي تي امام حسين عليه السلام کي ڀيٽا پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ باطل وچ ۾ وڏي جنگ هئي، جنهن ۾ امام حسين عليه السلام اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال ۽ بي مثال قرباني ڏني. جيڪا دنيا جي آخرت تائين ياد رهندي. ڪربلا جو واقعو اسان کي ايثار، قرباني، حق جي حمايت، ڪوڙ جي مخالفت ۽ ظلم خلاف درس ڏئي ٿو. جنهن تي عمل ڪري مسلمان نه رڳو پنهنجي عظمت بحال ڪري سگهن ٿا پر دنيا ۾ انسانيت جي لتاڙ ۽ جبر جو خاتمو آڻي، دنيا ۾ امن قائم ڪري سگهن ٿا. وڏي وزير چيو ته ڪربلا جو سانحو تاريخ جي نااهل حڪمرانن پاران ظلم ۽ جبر تي ٻڌل واقعو آهي، جنهن ۾ سڄي انسانيت لاءِ وڏو سبق لڪيل آهي. سنڌ جي وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن برڪت واري مهيني ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي کي برقرار رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button