پاڪستانسنڌ

حيدرآباد شهر انتظاميا نااهلي سبب گندگي جو ڍير بڻيل، روڊ اکڙي ويا

حيدرآباد: حيدآباد شهر انتظامي نااهلي سبب گندگي جو ڍير بڻجي ويو. گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيهڻ سبب روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا. ڊرينيج نظام به ناڪاره هجڻ سبب شهري مصيبت ۾ اچي ويا آهن. رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ بلدياتي نظام اچڻ باوجود صفائي وارو نظام درهم برهم آهي. محرم جي پوري ڏهاري ۾ انتظاميا اڪثر علائقن ۾ صفائي نه ڪرائي سگهي. گند ڪچري، مڇرن ۽ ڌپ سبب بيماريون وڌي ويون. گٽرن جو پاڻي به اڪثر روڊن تي بيٺل هجڻ معمول بڻيل آهي. ڪيترن ئي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڊرينيج نظام سالن کان ناڪاره هجڻ سبب رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن. قاسم آباد جي اڪثر ئي علائقن ۾ گٽرن جو پاڻي بيٺل رهي ٿو. ميونسپل ۽ سنڌ سالٽ ويسٽ مئنجمينٽ جي ملازمن باوجود ڪيترن ئي پاڙن، ڪالونين ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، نسيم نگر، علي پيلس، شيدي ڳوٺ، عملدار چوڪ، هيپي هومز، سٽيزن ڪالوني، ڀٽائي ٽائون، وحدت ڪالوني، انور ولاز ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ گندگي جو آزار آهي. گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب اڪثر روڊ اکڙي ويا آهن، پر انتظاميا صفائي جو بهتر نظام جوڙڻ لا اڄ تائين ڪا حڪمت عملي يا طريقيڪار جوڙي نه سگهي آهي، جنهن سبب شهري آزار ۾ آهن. تازو برساتن بعد شهر جا اڪثر روڊ اکڙي ويا آهن، روڊن ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، شهباز بلڊنگ کان لطيف آباد ويندڙ روڊ جي وچ ۾ هڪ وڏو ٽڪرو اکڙيل آهي، جنهن جي مرمت لا ڊي سي توڙي ٻين ڪامورن ڪو نوٽيس ناهي کنيو. سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين سنڌ سرڪار ۽ حيدرآباد جي ميئر کان گهر ڪئي ته صفائي جو بهتر نظام جوڙي روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ ڊرينيج نظام کي فعال بڻائي شهر جي خوبصورتي لا ڪم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button