پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ گهر مان 40 لک جا زيور ۽ 15 لک رپيا رقم چوري

چيلهار: چيلهار ۾ نامعلوم چور 40 لک جا زيور ۽ 15 لک رقم سميت سامان ٻهاري ويا. چيلهار ۾ نامعلوم چور ڪمري جي دري ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي ويا، جيڪي گهر مان 20 تولن جا سونا زيور، 15 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهاري فرار ٿي ويا. معلوم ٿيو آهي ته گهر 10 مهينا اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل سنتوش مهراج جو آهي، جنهن جا گهرڀاتي رات جو سنتوش جي ڀائرن جي گهر رهندا آهن، گهر جي دري ٽٽل ۽ کليل ڏسي پاڙيوارن جي اطلاع تي گهرڀاتين اچي ڏٺو ته 20 تولن جا سونا زيور ۽ 15 لک رپيا روڪ رقم نه هئي، اطلاع تي پوليس پهچي گهر جو جائزو ورتو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي شهر ۾ وڌندڙ چوري وارداتن بعد شهرين ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button