اسلام آبادپاڪستانعالمي

چيني نائب وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد : چين جو نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه اسلام آباد پهتو. هوائي اڏي تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، چيني نائب وزيراعظم جو هوائي اڏي تي گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُالله، رٿابندي ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻين پاڪستاني اختيارين آجيان ڪئي. ٻن معصوم ٻارڙن کيس گل پيش ڪيا، چيني نائب وزيراعظم جهاز مان لهڻ کانپوءِ وفاقي وزيرن سان هٿ به ملايو. معزز مهمان جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. چيني نائب وزيراعظم هي لي فنگ سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيو آهي. هو پاڪستاني قيادت سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button