پاڪستانسنڌ

درياهه ۾ چاڙهه بعد دادو جي ڪچي ۾ ٻوڏ،10 ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل

دادو :سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ اچي وئي، 10 ڳوٺن جو زميني رابطو دادو شهر سان ڪٽجي ويو. جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل به لڙهي ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ درياهه ۾ چاڙهه بعد دادو جي ڪچي واري علائقي جا ڳوٺ قائم کرل، ڳوٺ ڇٽو مستوئي، ڳوٺ سونو جتوئي، ڳوٺ ماڇي، ڳوٺ گل محمد ڪوريجو، ڳوٺ نبي بخش جتوئي سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ دادو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پاڻي تيزي سان دادو جي ايل ايس بند طرف وڌي رهيو آهي، 24 ڪلاڪن دوران دادو جي ڪچي جا وڌيڪ 50 ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويندا. متاثر ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته لڏپلاڻ ڪري متاثر ڳوٺاڻا دادو مورو روڊ ايل ايس بند وٽ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن. متاثر ڳوٺاڻن دانهيو آهي ته گهر پاڻي جي گهيري ۾ آهن، انتظاميا ڪابه مدد نه پئي ڪري. جڏهن ته ضلعي انتظاميا لاتعلق بڻيل آهي، متاثرن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرين جي جلد کان جلد واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button