اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان فضل الرحمان جو رابطو،جلسي ۾ ڌماڪي تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد :جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ جي يو آئي جي جلسي ۾ڌماڪي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. جي يو آئي ترجمان اسلم غوري مطابق مولانا فضل الرحمان گهر ڪئي ته زخمين کي باجوڙ کان پشاور تائين هيليڪاپٽر فراهم ڪيو وڃي. وزيراعطم مولانا فضل الرحمان جي درخواست تي باجوڙ کان پشاور هيليڪاپٽر موڪلڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلم غوري چيو ته مولانا فضل الرحمان ٻاهرين ملڪ جو خانگي دورو رد ڪري پاڪستان واپس پهچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان فاٽا جي امير قومي اسيمبلي ميمبر مولانا جمال الدين ۽ اعليٰ آفيسرن سان به رابطو ڪيو سمورين حالتن بابت تفصيل ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button