اسلام آبادپاڪستان

حڪومت 10 نيب عدالتون باضابطا طور بند ڪري ڇڏيون

اسلام آباد :حڪومت جي نيب ۾ ترميم جي فيصلي موجب سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل نيب عدالتن مان 10 کي بند ڪيو ويو آهي.نيب جي نئين قانون تحت وڏو فيصلو ڪندي قانون واري وزارت 10 نيب عدالتن کي باضابطا طور تي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ 3، راولپنڊي ۾ 2، ملتان ۾ 2 ۽ ڪوئيٽا ۾ 3 نيب عدالتون ختم ڪيون ويون. ان نوٽيفڪيشن کانپوءِ هاڻي راولپنڊي ۾ هڪ، اسلام آباد ۾ 2، ملتان ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ هڪ نيب عدالت قائم آهي. اسلام آباد ۾ قائم ڪورٽ نمبر 4، 5 ۽ 6 جڏهن ته راولپنڊي جي ڪورٽ نمبر 2 ۽ 3 کي ختم ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي نيب ڪورٽ 4 بئنڪنگ ڪورٽ 2، نيب ڪورٽ 5 کي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل 2، اسلام آباد جي نيب ڪورٽ 6 کي پراپرٽي ٽربيونل، راولپنڊي جي نيب ڪورٽ 2 بئنڪنگ ڪورٽ حافظ آباد ڪورٽ نمبر 3، نيب ڪورٽ 2 کي ملتان بئنڪ ڪورٽ بنائي وئي. نيب ڪورٽ 3 ڪوئيٽا بينڪنگ ڪورٽ، نيب ڪورٽ 4 کي بينڪ ڪورٽ 5 پراپرٽي ٽربيونل بڻايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button