اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عام واهپي جون شيون مهانگيون،جولائي ۾ مهانگائي 28 سيڪڙو وڌي وئي

اسلام آباد : هلندڙ مالي سال 24-2023ع جي پهرين مهيني (جولاءِ) دوران مهانگائي جي شرح مهيني جي بنياد تي 3 ڏهائي 46 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 28 ڏهائي 31 سيڪڙو وڌي وئي آهي. ان حوالي سان وفاقي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل مهانگائي جي ماهوار رپورٽ جي انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ چانور، ڪڻڪ، کنڊ، گوشت ۽ دال جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح شهري علائقن ۾ 3 ڏهائي 57 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 3 ڏهائي 30 سيڪڙو وڌي وئي. شماريات واري اداري موجب سگريٽ جي قيمت ۾ 123 ڏهائي 46 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 102 ڏهائي 43 سيڪڙو، چانهه جي قيمت ۾ 97 ڏهائي 26 سيڪڙو، چانورن جي قيمتن ۾ 68 ڏهائي 87 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 66 ڏهائي 58 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آلو، ڪڪڙ، کنڊ، گوشت، دال، تازو کير، تازيون ڀاڄيون، ڪوڪنگ آئل ۽ بيسڻ به مهانگو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button