اسلام آبادپاڪستان

ڀارت سان ڳالهين لا تيار آهيون،ڀارت به سنجيدا ٿئي:شهباز شريف

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪندي واضح ڪيو آهي ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، ڳالهين سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر شرط اهو آهي ته پاڙيسري به ميز تي ويهي سنجيده مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي. سياسي سببن جي ڪري ٻڏتر جو شڪار رهياسين، هاڻي ماضي جي غلطين مان سبق سکي اسان کي اڳيان وڌڻو پوندو. ڪالهه پاڪستان منرل سمٽ (ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ) جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪرپشن ترقي ۾ وڏي رنڊڪ بڻي نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندو رهيو، ريڪوڊڪ رٿا وڏي اهميت واري آهي، پاڪستان ۾ 6 ٽريلين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن. 75 سالن ۾ اسان پنهنجي قيمتي دولت تي ڌيان نه ڏنو. ايس آئي ايف سي پاڪستان جي ترقي جو بهترين ماڊل آهي پنهنجا وسيلا عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ٿر ۾ دنيا ۾ ڪوئلي جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن، اڄ ٿر جي ڪوئلي مان شروع ٿيندڙ منصوبي مان اسان فائدو وٺي رهيا آهيون، مختلف ڪارٽل، سياسي ۽ ٻين سببن جي ڪري اسان ماضي ۾ انهن وسيلن مان فائدو نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته چنيوٽ ۾ لوهه جا وسيع ذخيرا موجودآهن هن چيو ته بدقسمتي سان بدعنواني جي ڪارروائين جي ڪري اسان پنهنجي وسيلن مان فائدو نه وٺي سگهياسين. معدنيات جو ٺيڪو واڪ بنا ڪنهن کي ڏنو ويو جن جو هن شعبي ۾ تجربو نه هو. پاڪستان جي غريب عوام جا وسيلا لٽڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. جيڪڏهن اسان اڄ فيصلو ڪريون ته پريزيٽينشن ۾ جيڪو ڪجهه اسان کي ٻڌايو ويو، ان تي عمل ڪنداسين ته مهيني تائين سخت ڪوشش سان پنهنجا حدف حاصل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ان جي حڪومت جو مدو هلندڙ مهيني جي وچ تائين ختم ٿي رهيو اهي چين سان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button