سنڌ

ڪارونجهر تي سياست ڪندڙن کي خواري نصيب ٿي: شرجيل ميمڻ

اطلاعات ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ھاڻوڪي حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪرڻ واري آھي، ھن وقت ھر کاتو پنھنجو ڪم ڪري رھيو آھي، الحمداللھ سنڌ حڪومت ڪيترائي تاريخي ڪم ڪيا آھن. آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ھائوسنگ جو تاريخي منصوبو شروع ڪيو آھي، جنھن تحت سنڌ سرڪار طرفان ماڻھن کي 21 لک گھر ٺاھي ڏنا ويندا، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ماڻھن کي ذاتي طور سندون ڏنيون ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب ھن ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھائوسنگ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کانپوءِ جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ، دادو، نوشھرو فيروز ۽ شڪارپور ۾ به ماڻھن کي گھر ٺاھي ڏيڻ ۽ اُنھن گھرن جي مالڪاڻن حقن جون سندون ڏنيون ويون، سڀاڻي خيرپور ۾ ۽ اُن کانپوءِ بدين، شھيد بينظير آباد، مٽياري، ڄامشوري ۾ سندون ڏنيون وينديون. ھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ جتي به ماڻھن جا گھر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا، اُتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ماڻھن کي گھر ٺاھڻ لاءِ معاوضو ۽ زمين جا مالڪاڻا حق ڏئي رھي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھي طريقيڪار ائين ئي ھلندو رھندو، ڀلي ڪھڙي به حڪومت ھُجي، سنڌ حڪومت جيڪو ميڪنزم جوڙيو آھي اُن کي ڪابه حڪومت اچي بلڊوز ڪري نٿي سگھي، چونڊون جڏھن به ٿين، عوامي ڀلائي جو ھي نظام ھلندو رھندو، ڪوبه اُنھن پراجيڪٽس کي بند ڪري نٿو سگھي. ھن چيو ته 21 لک ماڻھن کي گھر ڏنا ويندا ۽ جيڪي ماڻھو سرڪاري زمينن تي آباد آھن، اُنھن کي اُنھن زمينن جا مالڪاڻي حق ڏنا ويندا، پيپلز پارٽي جي اھا ڪوشش رھي آھي ته سمورا پروجيڪٽ جٽادار ھُجن ۽ ھلندا رھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ پنھنجي ڪارڪردگي جي ڪري حڪومت ٺاھيندي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪم ڪري ڏيکاريو آھي، جيڪي شيون پوري پاڪستان ۾ ڪٿي نظر نٿيون اچن، اُھي اوھان کي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت طرفان نظر اينديون. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ واري شعبي ۾ عوام کي سبسڊي ڏني آھي، 6 مھينن لاءِ پيپلز بس سروس جي ڪراين جي مد ۾ سبسڊي ڏني وئي آھي. توانائي جي حوالي سان ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسلام آباد ۾ معدنيات بابت ڪانفرنس ٿي رھي آھي جيڪا ھڪ سٺي ڳالهھ آھي، قدرتي معدنيات ملڪ کي اڳتي وٺي ويندا. ھن چيو ته سي پيڪ جو خالق اڳوڻو صدر آصف علي زرداري آھي، سي پيڪ جو منصوبو اُن جو ئي ويزن آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ايم ايف سان معاھدو مجبوري ھُئي، جعلي مينڊيٽ سان ملڪ تي ٿاڦيل ھڪ نااھل شخص ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اڳوڻي نااھل وزير اعظم آءِ ايم ايف سان واعدي خلافي ڪئي، جنھن جي ڪري ملڪي معيشت دُٻاءُ جو شڪار ٿي وئي. ھن چيو ته ڪارونجھر جي افاديت کي ڪنھن به ريت نقصان نه رسايو ويندو، چونڊون ويجھي آھي، ڪجھه ماڻھو ھاڻي سياست لاءِ نڪرندا، جن کي خواري نصيب ٿي، ھاڻي اُنھن جو ڳٺ جوڙ ٿيندو، ڪارونجھر جي نالي تي سياست ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آھي، جيڪا ھر ڏُک سُک ۾ عوام سان گڏ بيٺي آھي ۽ پيپلز پارٽي جي سدائين اھائي اوليت رھي آھي، باقي پارٽين جي سوچ اھڙي ناھي، پيپلز پارٽي کي جڏھن به موقعو مليو آھي، اُن عوام جي خدمت ڪئي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بدين ۾ پيپلز پارٽي روڊ ۽ اسپتالون ٺھرائڻ سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button