پاڪستانسنڌ

حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول 19 رپيا 95 پئسا ۽ ڊيزل 19 رپيا 90 پيسا مهانگو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، قيمت ۾ 19 رپيا 95 پئسا في ليٽر جو وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وڊيو پيغام ذريعي پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 272 رپيا 95 پئسا ٿي ويندي. هن چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 90 پيسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 273 رپيا 40 پئسا ٿي ويندي. قيمتون فوري طور تي لاڳو ٿينديون. اسحاق ڊار چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين گذريل رات ٿيڻو هو، عالمي سطح تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي حوالي سان وزيراعظم سان صلاح مشورا ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته قيمتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ تبديلي ڪئي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان جو معاهدو آهي، تنهن ڪري اهڙا فيصلا نٿا ڪري سگهون، جنهن سان ملڪ کي ڏکيايون پيدا ٿين. تيل وڌائڻ جو فيصلو ملڪي مفادن تحت ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button