اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا فوجداري ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته درخواستن تي هڪ ڀيرو ٻيهر شنوائي ڪري فيصلو ڪيو وڃي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو ڏيندي چيو ته سيشن ڪورٽ ڌرين کي ٻيهر ٻڌي ۽ داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائي. هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي دفاع جو حق ختم ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ هفتي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ توشا خانا فوجداري ڪيس کي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور ڪيس جي شنوائي ڪندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا فوجداري ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي جج همايون دلاور جي فيس بڪ اڪائونٽ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته جج همايون دلاور جي فيس بڪ اڪائونٽ تي پوسٽون مستند ناهن، ايف آءِ اي معاملي جي جاچ ڪري، فيس بڪ پوسٽن ۾ ملوث ماڻهن جو پتو لڳائي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.لکت واري فيصلي ۾ ٽرائل ڪورٽ کي چيو ويو ته درخواست ۾ داخل سمورن سوالن جا جواب داخل ڪيا وڃن، عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪيس جي شنوائي اڄ ٿيڻي آهي، درخواستگذار اهو يقين ڏيارين ته عدالت جڏهن به حتمي دليل لاءِ طلب ڪندي ته اهي جواب ڏيندا. ٻئي طرف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ نيب پي ٽي آئي چيئرمين کي اڄ ڇنڇر تي ٻيهر گهرائي ورتو آهي. پي ٽي آئي چيئرمين کي جوابدار طور اڄ ڇنڇر تي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي. پي ٽي آئي چيئرمين کي القادر ٽرسٽ بابت دستاويز گڏ کڻي اچڻ جي به هدايت ڪئي وئي. راولپنڊي نيب پي ٽي آئي چيئرمين جي طلبي جو سمن جاري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن وفاقي پوليس پي ٽي آئي جي چيئرمين کي ٻن ڪيسن ۾ اڄ ڇنڇر تي وري طلب ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا. پي ٽي آئي چيئرمين کي ٽرنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ گهرايو ويو آهي، ٿاڻو ڪراچي ڪمپني ۾ داخل ڪيس ۾ به طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم کي 5 آگسٽ ڏينهن جو 2 وڳي آئي سي ٽي ڪمپليڪس پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوٽيس ۾ چيو ويو ته اوهان کي اڳ به نوٽيس ذريعي طلب ڪيو ويو پر حاضر نه ٿيا، جاچ ۾ شامل ٿي پنهنجو موقف پيش ڪريو ۽ ڪيس بابت ثبوت به فراهم ڪريون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close