اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ رويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ سپريم ڪورٽ رويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت 87 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو ته پارليامينٽ کي اهڙي قانون سازي جو اختيار ناهي. ايڪٽ پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار کان مٿي آهي، سپريم ڪورٽ جي ضابطن ۾ تبديلي عدليا جي آزادي جي خلاف آهي. سپريم ڪورٽ رويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ ڪيس جو گڏيل فيصلو ٻڌائيندي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اپيل جو حق ڏيڻ واري پارليامينٽ جي ترميم رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ موجب ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ بابت ڪيس ۾ جسٽس منيب اختر اضافي نوٽ به لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ پارليامينٽ جي قانون سازي جو اختيار اورانگهڻ آهي. سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي تنهنڪري ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر جي ٽي رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي موجب پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي دائري اختيار تي قانون سازي نٿي ڪري سگهي. اهو طئي ٿيل اصول آهي ته عام قانون آئين ۾ تبديلي يا اضافو نٿو ڪري سگهي ۽ سپريم ڪورٽ جي ضابطن ۾ ڦيرڦار عدليا جي آزاديءَ جي خلاف آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي ذهنن ۾ ڪو شڪ ناهي ته تجويز ڪيل قانون جو اصل مقصد آرٽيڪل 184/3 تحت فيصلن خلاف اپيل جو حق فراهم ڪرڻ هو، ان سوال جو جواب آهي ته ڇا پارليامينٽ آئين جي لاءِ قانون سازي ڪري سگهي ٿي؟ منفي هوندو. تفصيلي فيصلي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ جو حوالو ڏيندي چيف جسٽس چيو ته 5 رڪني لارجر بينچ فيصلو ڪيو آهي ته ماسٽر آف دي روسٽر چيف جسٽس آهي، سپريم ڪورٽ قانون کي تبديل نٿي ڪري سگهي ۽ آئين واضح ڪري چڪو آهي ته عدالتي فيصلن لاءِ سموريون پارٽيون پابند هونديون. جسٽس منيب اختر اضافي نوٽ ۾ لکيو ته پارليامينٽ جو قانون سازي ۽ سپريم ڪورٽ وٽ رولز بڻائڻ جا اختيار برابر آهن، سادي قانون سازي سان سپريم ڪورٽ رولز کي غير اثرائتو نٿو ڪري سگھجي، رولز ۾ تبديلي عدليا جي آزادي جي ابتڙ آهي. ايڪٽ 184 کانپوءِ ڪيس ڪڏهن به فل ڪورٽ نه ٿي سگهندا. اهم ڪيسن ۾ فل ڪورٽ جو نه ٺهڻ سپريم ڪورٽ جي اهم اصول کي ختم ڪري ٿو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار انتهائي احتياط سان استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪنهن قانون کي ان صورت ۾ غلط قرار نه ڏنو وڃي جڏهن ان جون شقون آئين سان مطابقت رکندڙ هجن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نظرثاني جو فيصلو پاڪستان جي آئين سان واضح طور تي تضاد آهي، ان قانون کي آئين سان مطابقت جوڳو قرار ڏيڻ ممڪن ناهي. اسان آئين جي حفاظت ۽ دفاع جو حلف کنيو آهي. ريويو ايڪٽ ۾ آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسن جي فيصلن خلاف متاثر ڌرين کي اپيل جو حق ڏنو ويو هو. سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمينٽس اينڊ آرڊرز ايڪٽ جي خلاف درخواستن تي فيصلي لاءِ عدالت ڌرين کي اليڪٽرانڪ نوٽيس موڪليا هئا. واضح رهي ته 19 جون تي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل بينچ ڪيس جون 6 شنوائيون ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button