اسلام آبادپاڪستان

هفتي اندر کنڊ،گيهه،دالين ۽ ڳاڙهن مرچن سميت 29 شيون مهانگيون

اسلام آباد :ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 69 سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته سالياني مهانگائي جي شرح 30 ڏهائي 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي. شماريات واري وفاقي بيورو طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح ۾0 ڏهائي 69 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سالياني مهانگائي جي شرح 30 ڏهائي 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هفتيوار انگن اکرن موجب پيٺل مرچ جي 200 گرام واري پيڪيٽ جي قيمت ۾ 13 رپيا واڌ ٿي وئي، 390 گرام ڀريل کير 28 رپيا، دال ماش 15 رپيا، مڱن جي دال 3 رپيا ۽ دال مسور 2 رپيا مهانگو ٿي وئي. ٿوم 10 رپيا في ڪلو، کنڊ 3 رپيا في ڪلو، زنده مرغي جي قيمت ۾ 9 رپيا في ڪلو واڌ ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي دوران انڊا 5 رپيا مهانگو ٿيا، بصر، آلو، ٽماٽا ۽ ڪيلا پڻ مهانگو ٿيڻ وارين شين ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڪچو کير، ننڍو ۽ وڏو گوشت به مهانگو ٿي ويو. شماريات واري اداري موجب گذريل هفتي ويجٽيبل گيهه جي قيمت ۾ 9 رپيا گهٽتائي ٿي، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 38 رپيا سستو ٿي ويو، برانڊڊ گيهه ۽ سرنهن جو تيل به سستو ٿيڻ وارين شين ۾ شامل آهي. گذريل هفتي 29 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جنهن ۾ ڳاڙها مرچ، پائوڊر کير، دال ماش،کنڊ شامل آهن، جڏهن ته ڪڪڙ، لوڻ، انڊا ۽ بجلي جي قيمتن ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل هفتي پنجن شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 17 شين جا اگهه مستحڪم رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button