اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا دوران سنڌ جي 87 ڊاڪٽرن ۽ ورڪرن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ڪرونا وائرس جي عالمي وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مريضن جي سارسنڀال ڪندڙ شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهن ۾ سنڌ مان 87، پنجاب مان 81، خيبرپختونخوا مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر شامل آهن. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي ملڪ مان ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ڪرونا وائرس جي عالمي وبا دوران خدمتن جي اعتراف ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي انهن فرزندن ۽ ڌيئرن ذميوارين کي نڀائيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن فرض شناس ڊاڪٽرز ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي مقروض رهندي. انهن ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جا گهرڀاتي قوم جو فخر آهن. سڄي پاڪستان مان 59 نرسن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي پڻ وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ماڻهن جي جان بچائڻ تي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) سان نوازيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button