پاڪستانسنڌ

ماڇڪو ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس قتل

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو ڀرسان ماڇڪو ۾ ھٿياربندن جي ڪاھه، چڱو مڙس قتل. تفصيل موجب اوٻاوڙو ويجهو پنجاب جي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبوب سولنگي تي نامعلوم هٿياربندن سولنگي برادري جي گهر تي چڙھائي ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب چڱو مڙس غلام رسول سولنگي موقعي تي قتل ٿي ويو، جنهن کان پو جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ان حوالي سان مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻه مهينا اڳ ماڇڪو پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلي دوران ڌاڙيلن جا چار ساٿي مارجي ويا ھئا، ڌاڙيلن پاران غلام رسول تي مخبري جو الزام هنيو ويو ھو، هنن رات جو حملو ڪري اسان جي چڱي مڙس غلام رسول سولنگي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن اطلاع تي ماڇڪو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال صادق آباد پھچايو،جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button