اسلام آبادپاڪستان

نگران وزيراعظم جي مقرري لا 8 ڏينهن جو وقت آهي،صدر آئين پڙهي وٺي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي صدر عارف علوي طرفان لکيل خط تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي صدر کي خط لکڻ جي تڪڙ ڇو هئي. 8 ڏينهن جو وقت آهي، صدر آئين پڙهي وٺي. ڪالهه اتحادي پارٽين جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر جو خط سامهون آيو آهي، خبر ناهي ايتري جلدي ڇو ڪئي وئي. اڄ 12 آگسٽ آهي، صدر عارف علوي کي آئيني مدي جو انتظار ڪرڻ گهرجي ها، آئين ۾ نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ 8 ڏينهن جو وقت مقرر آهي. شهباز شريف چيو ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري لاءِ اڄ اجلاس سڏايو آهي، سڀاڻي فيصلو ڪيو ويندو، جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾ ڪو فيصلو نه ٿيو ته فيصلو پارلياماني ڪميٽي ڪندي، پارلياماني ڪميٽي ڪامياب نه ٿي ته آئين ۾ تبديلي ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن موجب معاملي کي ڏسندي. هن وڌيڪ چيو ته 16 مهينا ڏاڍا ڏکيا هئا، اسان ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، ماضي ۾ چيو ويو ته سڀ ڌاڙيل ۽ چور آهن، ملڪ ۾ اهڙي ڪلچر کي فروغ ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button