پاڪستانسنڌ

ٽنڊي آدم ۾ چنگچي ڊرائيور جو گولي لڳل لاش مليو، وارثن کي قتل جو شڪ

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ھڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل چنگچي رڪشا ڊرائيور جو گولي لڳل لاش هٿ آيو، وارثن قتل جو شڪ ڏيکاريندي انصاف جو مطالبو ڪيو. رپورٽ موجب ٽنڊي آدم جي جٽيا پاڙي واري علائقي ۾ واٽر سپلائي جي ٽانڪي ڀرسان 40 ورهين جي نوجوان محمد اشرف راجپوت جو لوندڙي ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. سندس ڀا ارشد راجپوت جو چوڻ آھي ته ڀا چنگچي رڪشا هلائي گذر سفر ڪندو هو. گذريل ڏينهن کان گم ٿي ويو هو، سندس هڪ ڇوڪري سان واسطو هو، جنهن تان ڇوڪري جا مائٽ مٿس ڪاوڙيل هئا، شڪ آھي ته ڀا کي قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته معاملو خودڪشي جو لڳي ٿو، واقعي واري هنڌ تان هڪ پسٽل مليو آھي، جنهن کي فرانزڪ لا موڪليو آھي، ان جي رپورٽ ملڻ بعد صحيح پتو پئجي سگهندو، وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا، جيڪڏهن قتل هوندو ته ايف آئي آر داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button