پاڪستانسنڌ

منشيات جي لعنت کان نوجوانن کي بچائڻو آهي:ايس پي ٽنڊوالهيار

چمبڙ: چمبڙ ۾ گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ۽ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري گرلز اسڪول ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مهمان خاص ايس ايس پي ٽنڊوالھيار سليم شاھه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ايندڙ مستقبل هي نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن، توهان تعليم شوق سان حاصل ڪيو، اوهان مان ئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر ٿيندا، اسان کي منشيات جي لعنت کان نوجوانن کي بچائڻو پوندو. منشيات اسان جي معاشري جو ناسور آهي. سيمينار ۾ استادن، شاگردن، شاگردياڻين، ليکڪن، ڊي ايس پي چمبڙ ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button