اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ صدر پاران قوم کي اڄ آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف پاڪستاني قوم کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان کي اتحاد ۽ خود اعتمادي کي ڪتب آڻي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. آزادي ڏهاڙي تي اسان ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون. آزادي ڏهاڙي جي 76هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن تي آزادي جي تاريخي جدوجهد رياست پاڪستان جي اڏڻ تي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. اڄوڪي ڏينهن اسان انهن مردن عورتن ۽ ٻارڙن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۾ گڏ ٿيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي به مبارڪ ڏيندي چيو ته هن ڏينهن اسان پاڪستان جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. قوم کي پيش ايندڙ سماجي سياسي ۽ معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پنهنجن وڏڙن جي قربانين جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ پوري پاڪستان جي قوم ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي جشن آزادي جي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته بي شڪ آزادي هڪ وڏي نعمت آهي ۽ الله تعاليٰ جو خاص ڪرم آهي جو الله سائين اسان کي هن عظيم نعمت سان نوازيو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ پنهنجن وڏڙن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي اڻٿڪ محنت ۽ قربانين جي ڪري اسان کي هي عظيم ملڪ مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button