اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان جو 76 هون آزادي ڏهاڙو اڄ قومي جوش سان ملهايو ويندو

اسلام آباد :پاڪستان جو 76 هون آزادي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي قومي جذبي ۽ قومي جوش سان ملهايو ويندو. ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ فجر نماز کان پوءِ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي خوشحالي ۽ مسلم امت جي اتحاد لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيندي. اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21-21 توبن جي سلامي ڏني ويندي. ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي جهنڊا ڦڙڪايا ويندا، جنهن ۾ خاص شخصيتون شرڪت ڪنديون. جشن آزادي جي سلسلي ۾ سيمينار ۽ ٻيون تقريبون به ٿينديون جنهن ۾ مقرري آزادي جي جدوجهد جي تحريڪ ۾ ڏني ويندڙ قربانين تي روشني وجهندا، سرڪاري شخصيتن، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ عوام پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀريندي ۽ گلن جون چادرون چاڙهڻ کان پو فاتحه پڙهي ويندي. واگها ۽ گنڊاسنگ بارڊرز تي جشن آزادي جي سلسلي ۾ خصوصي پريڊ ٿيندي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي عوام شرڪت ڪندي ٻئي پاسي جشن آزادي جي مناسبت سان گهٽي پاڙن ۽ بازارن کي خوبصورت لغڙين ۽ جهنڊن سان سجايو ويو آهي. اهم سرڪاري ۽ خانگي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪائڻ سان گڏ انهن کي روشن به ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button