اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف گهر روانو،انوارالحق ڪاڪڙ اڄ حلف کڻندو

اسلام آباد :نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ 14 آگسٽ سومر تي آزادي ڏهاڙي تي حلف کڻندو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن جي سمري تي صدر به صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم شهبازشريف مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ وزيراعطم هائوس ۾ نگران وزيراعظم جي حوالي سان صلاح مشوري جو ٻيو دور ٿيو هو، جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهبازشريف لاهور روانو ٿي ويو هو. هاڻي انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. نگران وزيراعظم اڄ 14 آگسٽ سومر تي قسم کڻندو، نگران وزيراعظم جي مقرري کان پوءِ شهبازشريف وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو ذاتي سامان کڻي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button