پاڪستانسنڌ

چونڊ ڪرائڻ لا نگران سيٽ اپ جو هجڻ غير ضروري آهي:مخدوم جميل الزمان

ٽنڊوآدم: سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ لا نگران سيٽ اپ جو هجڻ غير ضروري آهي، نگران سيٽ اپ جو سسٽم دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي، نگران سيٽ اپ آڻڻ لا بليڪ ميل ٿيڻو ٿو پوي، چونڊون اليڪشن ڪميشن، صدر مملڪت يا وري سينيٽ چيئرمين جي نگراني ۾ به ٿي سگهن ٿيون. هن اهڙو اظهار هن ٽنڊوآدم ويجهو ڳوٺ قيصر گهوٽ ۾ سروري جماعت ٽنڊوآدم جي صدر ميوو فقير ڳاهو ۽ صاحب ڏنو ڳاهو پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ملڪ ۾ چونڊون پنهنجي وقت تي ٿي وينديون، نگران سيٽ اپ ڊگهو نه ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي ٽٽي وئي، چڱو ٿيو، اها 2 سال اڳ ۾ ٽٽي وڃي ها ته بهتر هو، ڪجهھ به ڊليور نه ڪري سگهي آهي. هن هڪ سوال توهان جي سنڌ جي وڏي وزير ٿيڻ واري خواهش برقرار آهي جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن مٽياري جو عوام چاهيندو ته آئون سنڌ جو وڏو وزير به ٿي سگهان ٿو. هن چيو ته بختاور جي بنا اطلاع اچڻ تي به خوشي ٿي، لڳو ته پنهنجي گهر آئي آهي، پر جيڪڏهن سياسي پروگرام ۾ ائين اچڻ ٿئي ها ته پو دل ۾ ٿئي ها، اسان جا دروازا زرداري ۽ سندس فيملي لا کليل آهن. هن چيو ته منهنجون ٻه پارٽيون آهن، هڪڙي سروري جماعت ۽ ٻي پيپلز پارٽي، سروري جماعت پنهنجي والد کان ملي آهي ۽ پ پ به اسان جي پارٽي آهي، جنهن ۾ ڏاڏو، منهنجو والد، چاچن مخدوم خليق الزمان، مخدوم رفيق الزمان ۽ اسان سڀني حصو ورتو آهي. هن سروري جماعت کي نظر انداز ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته هاڻ اسان کي هن سان ڪوبه فرق نٿو پوي ته ڪير اسان کي نظرانداز ڪري ٿو يا نٿو ڪري. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان درگاهه قيصر گھوٽ تي حاضري ڀريندي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي ممتاز شاهه، محمد خان ورياه، تاج ورياهه، غلام قادر ڀچو، گل محمد ڏاهري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button