پاڪستانسنڌ

شهيد صحافي جان محمد مهر جو 16 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

سکر: شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، 20 شڪي گرفتار. تفصيل موجب سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل جو ڪيس سندس ڀا ڪرم الله مهر جي فرياد تي سي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار شير محمد، قربان، روشن، گلزار ۽ مير محمد مهر سميت 16 جوابدارن تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا. ان حوالي سان شهيد صحافي جي ڀا ڪرم الله موقف اختيار ڪيو ته شير محمد، نصير، قربان، روشن، گلزار، مير محمد ۽ ٻين ڀا تي حملو ڪري قتل ڪيو. پوليس مطابق قتل ڪيس ۾ 6 سڃاتل، 3 اڻ سڃاتل ۽ 7 سهولتڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪئي آهي ته شڪ جي بنياد تي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، جن کي جاچ ڪري رهيا آهيون، اسان اصل قاتلن جي ويجهو پهچي ويا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button