پاڪستانسنڌ

غربت ۽ اڻبرابري ماڻهن کي ذهني مريض بڻايو آهي:ڊاڪٽر اڀيمن

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ساڪري ۾ شيڊول ڪاسٽ ڪائونسل آف پاڪستان پاران “خودڪشين کي ڪيئن روڪجي؟” جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر اڀيمن چيو ته ٿر جهڙن پسمانده علائقن ۾ خودڪشين جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هتي خودڪشي جا ڪارڻ بک، بدحالي، بيروزگاري، غربت ۽ سماجي اڻبرابري جهڙا ڏکوئيندڙ رويا آهن. ان موقعي تي ڪامريڊ رڻشالداس ڪولهي، محب ڀيل، جيوڻ پرمار، واگهو مل لڇمڻ، دولت، راجا گوهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر ضلعي ۾ خودڪشي جي شرح فقط شيڊول ڪاسٽ جاتين ۾ وڌيل آهي، مسڪين ڌرتي ڌڻي غربت جي باهھ ۾ سڙي رهيا آهن، بک سندن نسلن کي کائي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button