پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ جوان عورت جو کوهه مان لاش هٿ، قتل جا چوٻول

ڇاڇرو: ڇاڇرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گوگاميو ۾ 26 ورهين جي جوان ناري جهوٻان زال پريم سنگھه ٺاڪر جو کوهھ مان لاش هٿ آيو. وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ڇاڇرو پوليس پھچي لاش کوھ همان ڪڍرائي اسپتال روانو ڪيو. ان سلسلي ۾ وارثن پوليس کي ٻڌايو ته ناري کوھه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي، سندس دماغي توازن ٺيڪ نه هو. جڏهن ته دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ جي حوالي سان ڪا به ميڊيڪل رپورٽ يا ڊاڪٽر وٽ علاج جو ڪو پرچو پوليس کي نه ڏيکاريو ويو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري کي مبينا طور قتل ڪري کوھه ۾ اڇلايو ويو آهي. ناري جي لاش جون تصويرون منظر تي اچڻ تي سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻهن چيو ته لڳي نٿو ته دماغي توازن ٺيڪ نه هو، معاملو ڪجهه ٻيو لڳي رهيو آهي، پوليس کي شفاف جاچ ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button