اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏن وزيرن کي چونڊون ڪرائڻ بابت خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هر سياسي پارٽي کي ليول پلیئنگ فيلڊ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم، سنڌ، بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون ٽٽي ويون آهن، جنهن کانپوءِ شفاف ۽ وقت تي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن آئيني قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خط ۾ نگران حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو وڃي ۽ هر سياسي پارٽي کي ليول پلیئنگ فيلڊ فراهم ڪيو وڃي. نگران حڪومتون شفاف ۽ بروقت چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سهڪار کي يقيني بڻائين ۽ رڪاوٽون وجهڻ کان پاسو ڪن. خط ۾ سيڪريٽري هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ مقرريون ۽ بدليون نه ڪيون وڃن، جڏهن ته وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني ادارن ۾ هر قسم جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي هر قسم جي ترقياتي اسڪيمن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ادارن ۾ ڀرتي ڪيل سياسي شخصيتن جي ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم، وڏن وزيرن، ڪابينا ميمبرن، صلاحڪارن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪن ۽ ڪابينا ميمبرن کان سرڪاري گاڏيون واپس وٺن.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون قانون موجب روزاني جي بنياد تي ڪم ڪن. واضح ڪيو ويو آهي ته نگران حڪومتون موجوده عالمي ۽ ٻطرفي معاهدن تي عمل ڪري سگهن ٿيون. ان کانسواءِ خط ۾ اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم، وڏن وزيرن ۽ ڪابينا ميمبرن کان 3 ڏينهن اندر اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close