اسلام آبادپاڪستان

معاشي پاليسيون برقرار رکندي عوام جي زندگي ۾ بهتري آڻينداسين:نگران وزيراعظم

اسلام آباد :نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي ۾ معيشت جي سڌاري تي سموريون توانائيون صرف ڪندي ۽ ملڪ جي معاشي پاليسين جو تسلسل برقرار رکندي معاشي بهتري آڻيندي. ڪالهه وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عملدارن نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ملڪ ۾ روڊن جي تعمير ۽ نگراني ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بهترين انفرااسٽرڪچر ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ اهم هوندو آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي اهڙن حصن ۾ جتي پرڏيهي سيڙپڪاري جي توقع آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خاص ڪم جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن شاهرا روڊ جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف دي باڪس اپروچ اختيار ڪئي وڃي. جڏهن ته بلوچستان کي ٻين صوبن کي ڳنڍيندڙ رابطا روڊ به ٺهڻ گهرجن. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم عوام جي زندگين کي آسان بڻائڻ آهي، انفراسٽرڪچر جي بهتري سان به عوام کي تمام گهڻيون سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي پاليسين جو تسلسل برقرار رهندو ۽ وڌيڪ معاشي بهتري آڻينداسين، جڏهن ته عوامي ڀلائي جا منصوبا بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهندا، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ معيشت جي سڌاري لاءِ سموريون توانائيون صرف ڪندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گورنر اسٽيٽ بئنڪ، سيڪريٽري ناڻي، سيڪريٽري پاور ۽ چيئرمين ايف بي آر سميت اعليٰ حڪومتي عملدارن ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي هدايت ڪئي ته هو هر شعبي ۾ جاري سڌارن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button