اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان تڪبنديون ڪري:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جو عمل شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي ضلعي شڪارپور جي 3 صوبائي تڪن تي تڪبندين بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. عدالت تڪبندين بابت معاملو ٻيهر اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪڏهن ڪرائيندي؟ جنهن تي ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مطلب ته اڃا تائين چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته تڪبنديون عوامي مفاد جو معاملو آهي. تڪبندين جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا اچي چڪو آهي. تڪن ۾ ڊاٽ ٿيل دائري تي اثر انداز ٿيڻ سان ان تڪ مان اميدوار جي ووٽن تي به ٿورو اثر پوي ٿو. اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته چونڊون شفاف طريقي سان ڪرائي. چيف جسٽس عطا بنديال چيو ته سنڌ ۾ تڪبندين تي حساسيت گهڻي آهي. سنڌ مان اڪثر ٻڌو ويندو آهي ته تڪبنديون درست نه ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ سمورا مسئلا حل ڪري. سنڌ جي صوبائي تڪ پي ايس 7، 8 ۽ 9 شڪارپور جي تڪ بندين کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button