اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس زال کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي آخري مهلت

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت 9 مئي بابت ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو آخري موقعو ڏيندي ضمانت ۾ 7 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. اڱاري ڏينهن مقامي عدالت جي ڊيوٽي جج محمد سهيل پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف داخل 7 ڪيسن جي شنوائي ڪئي. جج جي پڇاڻي تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڪجهه هنڌن تي جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو. جج محمد سهيل رمارڪس ڏنا ته بشرا بي بي کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو پيو وڃي. جاچ آفيسر کي هدايت ڪجي ٿي ته بشرا بي بي کي جاچ ۾ شامل ڪري. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جون احتساب عدالت ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت عدالت مان ضمانتون خارج ٿي چڪيون آهن. عدالت بشرا بي بي جي ضمانت ۾ 7 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جون احتساب عدالت ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مان ضمانتون خارج ٿي چڪيون آهن. وڪيل سلمان صفدر پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف دهشتگردي جي خاتمي بابت عدالت تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي دهشگردي جي خاتمي بابت عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آئي چيئرمين جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانتن جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي عدم حاضري سبب ضمانتون رد ڪري ڇڏيون حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به رد ڪئي وئي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف بارا ڪهو جي ٿاڻي تي هڪ ڪيس درج هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button