اسلام آبادپاڪستان

ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ ۾ واڌ، 10 سيپٽمبر مقرر

اسلام آباد : نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اهم قدم کڻندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ان کي 10 سيپٽمبر 2023ع تي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 27 آگسٽ تي منعقد ٿيڻي هئي. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع جو فيصلو ڪيو. ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي امتحان جي لاءِ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button