اسلام آبادپاڪستان

صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن نئين تڪ بندين بابت لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نئين آدمشماري کانپوءِ آبادي ۾ وڏي پئماني تي تبديلي ٿي، شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن. اليڪشن ڪميشن جو ٽن صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو گڏيل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 218 تحت ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ستين آدمشماري کانپوءِ 20 هزار 85 نوان سينس بلاڪ وڌيا ۽ ڪجهه ۾ تبديليون ٿيون، آدمشماري کانپوءِ ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، ووٽر لسٽ ۾ حقيقي نمائندگي اليڪشن ڪميشن جي بنيادي آئيني ذميواري آهي. اليڪشن ڪميشن لکت فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته نين تڪ بندين ۽ تازي چونڊ فهرست بنا پارليامينٽ ۾ حقيقي نمائندگي ممڪن نه هوندي، چونڊن کان اڳ غلطين کان پاڪ ووٽر لسٽ ۽ تازيون تڪ بنديون لازمي آهن، نين تڪ بندين جو فيصلو اميدوارن، سياسي جماعتن ۽ ووٽرن جي بنيادي حق جي تحفظ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button