اسلام آبادپاڪستان

اڪثريتي راڄ جو انداز اختيار نه ڪنداسين،تصوف کي فروغ ڏبو:مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد :اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وزيراعظم جڙانوالا واقعي تي واضح ڪيو آهي ته اسلام جي نالي تي ڪنهن به مذهب جي تذليل جي اجازت نه ڏينداسين. رياست جي طاقت مظلومن سان گڏ بيٺل آهي، اسين اڪثريتي آهيون پر اڪثريتي راڄ جو انداز نه اختيار ڪنداسين. سڌ سماءَ بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيٽروليم شيون مهانگيون خريد ڪري سستيون وڪرو نٿا ڪري سگهون. نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته اڄ پهريون اجلاس ٿيو، حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت کي بهتر ڪرڻ آهي، ڪابينا کي سرڪاري خرچ گهٽائڻا پوندا، آئين ۽ قانون تحت نگران حڪومت جون جيڪي به ذميواريون آهن، اهي پوريون ڪنداسين. وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ آزاد، شفاف ۽ پرامن چونڊن لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ اسان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي، اليڪشن جي پهرئين ڏينهن ووٽ نگران وزيراعظم ۽ پوءِ ڪابينا جا ميمبر وجهندا. سندس چوڻ هو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته پنهنجي حلف جي پاسداري ڪيون، پنهنجون ذميواريون آئين ۽ قانون موجب انجام ڏيون. هن چيو ته نگران وزيراعظم اجلاس ۾ چيو ته نگران حڪومت جو ڌيان ملڪي معيشت تي هوندو، وفاقي ڪابينا جي حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪرڻو پوندو، درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. نگران حڪومت ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن، ڪنهن به فرد، فرقي يا قوم سان زيادتي جي اجازت نه ڏينداسين. ڇو ته اسلام اسان کي ٻين اقليتن سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته وزيراعظم معاشي بحالي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن ۾ ناڻي واري وزارت، واپار واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جا ميمبر شامل هوندا ۽ اها ڪميٽي معاشي بحالي جي عمل جي نگراني ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته پاڪستان جي ثقافتي ورثي، روحانيت ۽ تصوف کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خوشحال خان خٽڪ ۽ بلهي شاهه جهڙن شاعرن ۽ صوفين جو ڪلام قوم تائين پهچايو وڃي، جنهن لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ڀرپور سهڪار ڪندا. پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button