اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هڪ هفتي ۾ دالين ۽ ڳاڙهن مرچن سميت 32 شيون مهانگيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي، گذريل هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 78 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. جڏهن ته ساليانو بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 27 ڏهائي 57 سيڪڙو وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. وفاقي شماريات واري اداري پاران جاري ڪيل مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب گذريل هفتي دوران دال ماش، آلو، ٽماٽا، ٿوم، آنا، کنڊ، گوشت، کليل کير، ڳاڙها مرچ مهانگا ٿيا. ان کان علاوه پيٽروليم شين سميت بنيادي ضرورت جون 32 شيون مهانگيون ٿي ويون ۽ 12 ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button