اسلام آبادپاڪستان

نيب ترميم ڪيس ۾ جسٽس منصور شاهه جي فل ڪورٽ جوڙڻ جي تجويز

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست تي شنوائي ۾ جسٽس منصور علي شاهه فل ڪورٽ جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته عدالت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جو فيصلو ڪري يا فل ڪورٽ جوڙي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ نيب ترميمن خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو اچڻ اڃا باقي آهي.جسٽس منصور علي شاهه ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ لکيل پنهنجي نوٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته منهنجي خيال سان اهو ڪيس فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي، اڄ به چيف جسٽس کي درخواست ڪيان ٿو ته نيب ترميمون فل ڪورٽ ٻڌي، اڃا تائين سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جو فيصلو ناهي ٿيو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو فيصلو ٿي وڃي ها ته معاملو مختلف هجي ها، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 3 ۽ 4 تحت اهو ڪيس گهٽ ۾ گهٽ 5 رڪني بئنچ ٻڌي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button