اسلام آبادپاڪستان

اقليتن جو تحفظ ڪنداسين،رياست نقصان پهچائيندڙن سان گڏ ناهي:وزيراعظم

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوار الحق جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وقت سر چونڊون ڪرائڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي مقرر مدي اندر ملڪ جي ترقيءَ جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي وعدن کي پورو ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمرانيءَ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين، اقليتن خلاف ڪارروائيون ڪندڙن کي قانون جي دائري ۾ رهي منهن ڏينداسين. اڪثريت کي اقليت جو خيال رکڻو پوندو. رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي. قدامت پسند رجحانن جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي. سماج ۾ مذهبي انتها پسندي جي ڪا به گنجائش ناهي. نگران وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش وئي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کڻنداسين. نگران حڪومت بهترين ٽيم آهي، مون کي يقين آهي ته الله تعاليٰ اسان کي ڪاميابي جي منزل طرف گامزن ڪندو. مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي. مقرر مدي ۾ پاڪستان جي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪنداسين. انوار الحق چيو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، هتي آئين جي بالادستي ٿيندي، علاما اقبال ۽ قائداعظم جي ويزن تي عمل ڪندي ملڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي بااختيار ٽيم مالياتي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي، اسان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي کي اهميت ڏيون ٿا، وڪيل، دڪاندار، سرڪاري ملازم، استاد سڀ ٽيڪس ادا ڪن ٿا ته جيئن اسان انهن کي سماجي سهولتون فراهم ڪريون، انهن کي محفوظ ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button