قاضي احمد :قاضي احمد ۾ سول سوسائٽي پاران شاگردياڻي نوشين ڪاظمي، ناظم جوکيو ۽ فھميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لا تعلقي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ۽ قاتلن جي گرفتاري لا سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن غلام شبير، ملنگ جتوئي، مولانا احسان الله چانڊيو، ڊاڪٽر شبير چانڊيو، نورالدين قادري، بشير جوکيو، ڏاڏو عثمان ٻگھيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ روزانو بيگناھه ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن. چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي کي سازش تحت قتل ڪيو ويو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو ته شاگردياڻي جي مامري جي صاف ۽ شفاف نموني سان جاچ ڪاليج انتظاميا کان شروع ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close