پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ پيءُ پنهنجي پرڻيل ڌيءُ قتل ڪري لاش کي دفنائي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي منگهوپير ۾ جوابدار پيءُ غيرت جي نالي تي ڌيءَ کي قتل ڪري لاش دفنائي ڇڏيو. پوليس موجب اسد علي نالي شهري پنهنجي زال سمينا جي گمشدگي جي حوالي سان پوليس کي آگاهه ڪيو. پوليس موجب اسد سمينا جي والد محمد کي به ٻڌايو، جنهن تي محمد ۽ ٻين مائٽن ان کي ڳولڻ شروع ڪيو. ان دوران اسد کي خبر پئي ته محمد سمينا کي ڳولي پنهنجي گهر وٺي ويو آهي، جنهن تي هن پڇا ڪئي ته جوابدار ڪجهه نه ٻڌايو، جنهن بعد اسد پوليس کي سڄي واقعي کان آگاهه ڪيو. جنهن تي پوليس محمد کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته آچر جي ڏينهن سمينا کي گهر آڻي ۽ رات جو ئي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاش ويجهي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب سمينا جي مڙس واقعي جو ڪيس گذريل ڏينهن درج ڪرايو هو، عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪري لاش هٿ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button