پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت صوبي ۾ نين عمارتن جي تعمير تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي نگران حڪومت صوبي ۾ نين عمارتن جي تعمير تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب سنڌ ۾ نگران حڪومت نين اڏاوتن تي فوري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، مڪاني ادارن واري کاتي جي نگران صوبائي وزير مبين جماڻي جي هدايتن تي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب هر قسم جي عمارتن، گهرن ۽ ڪمرشل پلازن جا نقشا، هر قسم جي بلڊنگ پلان، لي آئوٽ پلان ۽ پلاٽن جي ضم ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. پابندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سمورن ڊولپمينٽ اٿارٽي تي لاڳو هوندي، ان حوالي سان ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه اها پابندي حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٽائون پلاننگ کاتي تي به لاڳو ٿيندي. بلديات کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تعمير، نقشن ۽ لي آئوٽ پلان جي منظوري تي پابندي ايندڙ حڪم تائين برقرار رهندي. حڪومت هر قسم جي تعميراتي نقشن ۽ لي آئوٽ پلانن تي به پابندي جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button