پاڪستانسنڌ

غيرمعياري دوائون ٺاهيندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) باقر مقبول مارڪيٽ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير جسٽس (ر) باقر صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد نياز سان زندگي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ ۽ مارڪيٽ ۾ غيرمعياري دوائن بابت گردش ڪندڙ خبرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صحت کاتو دوائن جي ذخيرو ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف مهم شروع ڪندو ۽ ان کان علاوه صحت کاتو انهن ڊيلرن توڙي دڪانن تي جيڪي غيرمعياري دوائون ٺاهي ۽ وڪرو ڪندا آهن، انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

هوڏانهن وڏي وزير اوٻاوڙو ضلعي گهوٽڪي ۾ پيار جي پرڻي جي پراڻي تڪرار جي حل لاءِ ٿيل جرڳي جو نوٽيس ورتو. جنهن ۾ نابالغ نياڻي کي مخالف ڌر سان شادي ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي. نگران وڏي وزير جي هدايت تي گهوٽڪي پوليس ٻن جوابدارن ناصر ۽ مدد ڀٽو کي گرفتار ڪري ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وڏي وزير جھرڪ-ملان ڪاتيار پل وٽ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن جي مدد ڪئي وڃي ۽ زخمين کي مناسب علاج فراهم ڪيو وڃي. نگران وڏي وزير پنجاب ويندڙ مسافر بس تي فائرنگ جي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 4 مسافر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. سنڌ جي وڏي وزير ڊي آءِ جي حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقي ۾ امن امان برقرار رکي ۽ جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button