پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 300 جو ٿي ويو

ڪراچي: روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، خميس ڏينهن ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن جي شروعات انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر 7 پئسن جي گهٽتائي سان ٿي، جڏهن ته ڊالر 299 رپيا 56 پيسن تي سطح تي پهچي ويو. جڏهن ته بعد ۾ لهڻ چڙهڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ آخرڪار انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 63 پئسا اضافي سان 300 رپيا 26 پيسا جي سطح تي اچي ويو.

جيڪو انٽر بئنڪ ۾ ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جي بلند ترين سطح آهي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا مهانگو ٿي 314 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه تيزيءَ جو رجحان رهيو. ڪي ايس سي 100 انڊيڪس 159 پوائنٽس جي واڌ سان 47578 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. مارڪيٽ بعد ۾ تيز ٿي وئي ۽ 100 انڊيڪس 528 پوائنٽن سان 47946 پوائنٽس تي پهچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button