اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي چيئرمين جي مختصر سزا آهي،بنا نوٽيس معطل ٿي ويندي:هائي ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس توشا خانا ڪيس ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي ڏنل هيءَ مختصر سزا آهي، جيڪا بنا نوٽيس جي به معطل ٿي ويندي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانا فوجداري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سردار لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته هي ڊويزن بينچ، ٽرائل ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وچ ۾ سينڊوچ بڻجي وئي آهي. ان دوران لطيف کوسا چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪنهن آفيسر کي ڪمپلينٽ داخل ڪرڻ جو مجاز قرار ڏئي سگهي ٿي، ان ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر کي ڪمپلينٽ داخل ڪرڻ جو چيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ 4 ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، رڪارڊ ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪمپلمينٽ داخل ڪرڻ جو ڪو اجازت نامو ناهي. ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجيد پرويز چيو ته اليڪشن ڪميشن جو اجازت نامو رڪارڊ ۾ موجود آهي، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته اها اجازت اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري طرفان ڏني وئي آهي. چيف جسٽس تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان چئي رهيا آهيو اليڪشن ڪميشن جو ڪمپلينٽ داخل ڪرڻ جو اجازت نامو قانون موجب ناهي؟ جنهن تي لطيف کوسا چيو ته بلڪل، اهو اجازت نامو درست ناهي. لطيف کوسا چيو ته ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر کي به نظرانداز ڪيو، ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسان جي اپيل منظور ڪئي ۽ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻيهر فيصلو ڪرڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽ کي موڪلي. لطيف کوسا اپيل ڪئي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪئي وڃي، سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل تي دليلن لاءِ اسان ٻيهر عدالت سامهون اينداسين. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اپيل ۾ رياست کي ڌر نه بڻائڻ تي اعتراض اٿاريو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته شڪايت ڪندڙ اليڪشن ڪميشن آهي ۽ درخواستگذار ان کي ڌر بڻايو آهي، رياست کي اپيل ۾ ڌر بڻائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدار جو درجو ڏوهي ۾ تبديل ٿي ويو، سزا يافتا هاڻ رياست جي قيد ۾ آهي، اهو نٿو چوان ته اپيل رد ڪئي وڃي، منهنجو موقف آهي ته گهٽ کان گهٽ اسٽيٽ کي نوٽيس ڪري ٻڌو وڃي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته رياست کي نوٽيس به ڪيون ته ڇا ٿيندو؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته اهو مينڊيٽ آف لا آهي ته اسٽيٽ کي به نوٽيس هجڻ گهرجي. جسٽس طارق جهانگيري چيو ته جن ڪيسن جو توهان حوالو ڏئي رهيا آهيو، ان ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي هئي، هن ڪيس ۾ ڪا ايف آءِ آر ناهي. امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته قانون جون لاڳاپيل ٻئي شقون چون ٿيون ته رياست کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي، رياست وٽ فيصلي جي دفاع جو حق موجود آهي، رياست کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها فيصلي جو دفاع ڪري يا نه. چيف جسٽس عامر فاروق چيو توهان کي لڳي ٿو ته رياست اچي چوندي سزا غلط ڏني وئي؟ اها مختصر سزا آهي ۽ بنا نوٽيس به معطل ٿي ويندي آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو اهڙو ڪو فيصلو موجود ناهي ته بنا نوٽيس سزا معطل ٿي هجي، 3 سال قيد جي سزا کي گهٽ وقت جي سزا چئي سزا معطلي جو چيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button