اسلام آبادپاڪستان

ملاقات جو فائدو ناهي،چونڊن جي تاريخ اسان ڏينداسين:چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد :چيف الڪيشن ڪمشنر صدر سان ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا عام چونڊن جي تاريخ بابت صدر مملڪت جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته ملاقات جو ڪو به فائدو ناهي، چونڊن جي تاريخ اسان ڏينداسين. اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري انتهائي سنجيدگي سان ادا ڪندي سياسي پارٽين کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي. اليڪشن ضابطن ۾ تبديلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن لکيل جوابي خط ۾ چيو آهي ته قومي اسيمبلي آرٽيڪل 58 ون تحت وزيرِاعظم جي سفارش تي صدر نوَ آگسٽ تي ٽوڙي ڇڏي آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ 26 جون تي ترميم ڪئي وئي، ان ترميم کان اڳ صدر چونڊن جي تاريخ لاءِ ڪميشن سان مشاورت ڪندو. خط ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي سيڪشن 57 ۾ ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي تاريخ يا تاريخون ڏيڻ جو اختيار آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو کي آئين جي آرٽيڪل 58 ٽو ڪي سان گڏ پڙهيو وڃي. وزيراعظم جي سفارش تي اسيمبلي ٽوڙڻ تي ڪميشن کي عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي. سڪندر سلطان راجا جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن انتهائي احترام سان سمجهي ٿي ته توهان جي (صدر جي) خط ۾ ذڪر ڪيل آئين جي شقن تي انحصار ان حوالي سان لاڳو ناهي.هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري کانپوءِ چونڊ تڪن جي حدبندي چونڊن جي حوالي سان “بنيادي قانوني قدم” مان هڪ آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن جي مٿي بيان ڪيل موقف جي باوجود احترام سان عرض ڪيو وڃي ٿو ته ڪميشن صدر جي عهدي کي وڏي عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿي ۽ مناسب وقت تي توهان سان ملاقات ڪري قومي مسئلن تي توهان کان رهنمائي حاصل ڪرڻ اعزاز رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي مُلڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي فيصلي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي لکيل خط ۾ ملاقات جي دعوت ڏني وئي هئي. خط جي متن ۾ چيو ويو هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي صدر سان ملاقات لاءِ دعوت ڏني وڃي ته جيئن عام چونڊن لاءِ مناست تاريخ طئي ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button