پاڪستانسنڌ

لنڊو ۾ وڏيري جي ڌي پرڻي لا گهران نڪري وئي، پلاند ۾ 6 عورتون اغوا

شھدادپور: لنڊو ۾ وڏيري جي ڌي پرڻي لا گهران نڪري وئي، پلاند ۾ ٻن ٻارڙين سميت 6 عورتن کي اغوا ڪيو ويو. متاثر ڌر جي ماڻهن شهدادپور ۾ احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. رپورٽ موجب شھدادپور لڳ لنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀورو مڱريو ۾ ڳوٺ جي وڏيري جي جوان ڌي لاڏ خاتون مڱريو پيار جي پرڻي لا ڳوٺ جي نوجوان رياض ڏيٿو سان نڪري وئي، جنهن بعد مڱريا ڌر جا ماڻهو مڇرجي پيا، سوين ماڻهن ڏيٿن جي گهرن تي حملو ڪري ڏنو ۽ 6 جوان ڇوڪرين 14 سالن جي رابيل، 12 سالن جي گل مينا، 18 سالن جي ناھيد، 16 سالن جي ڪلثوم، مقبول زادي ۽ رحيمان کي پلاند ۾ اغوا ڪري ورتو، حملي دوران عورتن ۽ ٻارن ۾ رڙيون پئجي ويون. واقعي بعد پوليس ڪاروائي ڪرڻ بدران رڳو اين سي دخل ڪئي. ٻئي پاسي ڏيٿا برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارن زرينه، زينت، گلناز، اعجاز ڏيٿو ۽ امتياز ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب شھدادپور اڳيان پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعربازي ڪئي. هنن چيو ته وڏيري جي ڌي جي پلاند ۾ مڱريا ڌر جي هٿياربندن گهرن تي حملا ڪري 6 نياڻين کي اغوا ڪري ورتو آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن نگران سرڪار ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته اسان جي نياڻين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي شھدادپور ايوب بروھي ٻڌايو ته ڏيٿا ڌر جي اين سي لنڊو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي، پوليس پلاند ۾ اغوا ڪيل ڇوڪرين کي بازياب ڪرائڻ لا ويل آھي، جلد نياڻيون بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button