پاڪستانسنڌ

چونڊن ۾ دير برداشت نه ڪبي، 90 ڏينهن اندر ڪرايون وڃن: پاڪستان پيپلزپارٽي

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، عام چونڊو 90 ڏينهن اندر ڪرايون وڃن. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پارٽي قيادت جي راءِ آهي ته عام چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ سي اي سي جي اجلاس کانپوءِ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون 90 ڏينهن کان اڳتي ويون ته ملڪ ۾ بحراني صورتحال پيدا ٿي ويندي. هن چيو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن، تڪ بندين جي بنياد تي چونڊون ملتوي نه ٿيون ڪري سگهجن ۽ جلد پيپلز پارٽي جو هڪ وفد اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن سان ملاقات ڪندو. شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال سنگين آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ 4 کان 5 معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن تي ميمبرن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون. هن چيو ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ چونڊن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته جيڪڏهن چونڊون 90 ڏينهن کان اڳتي وڌيون ته ملڪ ۾ آئيني ۽ بحراني صورتحال پيدا ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته آئين بلڪل واضح آهي ۽ ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن. مردم شماري جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پيپلز پارٽي جي موقف ۾ ڪو به ابهام ناهي. هن چيو ته اسان جي فيصلي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي ته آئين ۾ ڏنل 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن، ملڪ کي بنا ڪنهن سبب جي آئيني ۽ سياسي بحران جي طرف نه وڃڻ ڏنو وڃي ۽ ان حوالي سان اسان جو وفد به اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪندو. هن چيو ته اجلاس ۾ ان حوالي سان تمام گهڻو بحث مباحثو ٿيو ۽ سڀني جي گڏيل راءِ هئي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ يا دير ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ ضمني چونڊن جو اعلان ڪري ٿي ته ان جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون به وقت تي ٿي سگهن ٿيون. ان کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيو. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي تي ڀرپور اعتماد ظاهر ڪيو آهي. اجلاس ۾ عورتن جي شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نئير بخاري، فرحت الله بابر، شيرين رحمان، شازيه مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد قائم علي شاهه، مخدوم احمد محمود، نثار احمد کهڙو، چنگيز خان جمالي، امجد ايڊووڪيٽ، لطيف اڪبر، اسلم گل، رضا رباني، سيد خورشيد شاهه، قمر زمان ڪائره، اعتزاز احسن، محمد علي شاهه باچا، چوڌري منظور، مراد علي شاهه، سردار يعقوب، تاج حيدر، چوڌري ياسين، همايون خان، مولابخش چانڊيو، جميل سومرو، هريرام، سليم مانڊوي والا، مخدوم جميل الزمان، ميرباز کيتران، حسن مرتضيٰ، منظور وساڻ، اعجاز جکراڻي، روزي خان ڪاڪڙ، صابر بلوچ، نواب يوسف ٽالپر، رخسانه زبيري، ثمينه خالد گرڪي، سعيد غني، قادر پٽيل، نويد قمر، صادق عمراڻي، غلام فريد ڪاٺيا، عبداللطيف انصاري، ڄام مهتاب ڏهر، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، علي مدد جتڪ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button