پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ مزدورن ۽ پورهيتن جو اجرت وڌرائڻ لا احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڪُلھن تي وزني ٻوريون کڻندڙ مزدورن ۽ رازڪو ڪم ڪندڙ پورهيتن سميت ٻين ھنڌن تي سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪندڙ پورهيتن اجرت گھٽ ملڻ خلاف مزدور اڳواڻ جلال مري، فقير وڏڻ مھر، فقير محب مڱريو، گل بجير، عاشق خاصخيلي، عمر رونجھو، سبحان ڀيل، سکر اوڏ، عبدالله سولنگي، ڪانجي ڪولھي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن دانھيندي چيو ته 5 سال اڳ جيڪا مزدوري ملندي ھئي، اُھا ئي مزدوري اڄ به ڏني پئي وڃي، اڳ ۾اٽو 30 کان 40 رپيا ڪلو ھو، ھن وقت اٽي جو اگهھ 150 کان 160 رپين تائين پھتو آھي. ڀاڄين، گيهھ، چانورن ۽ دال جا اگھه به آسمان تي پھچي ويا آھن، پر اڄ تائين اسان جي اُھائي مزدوري آھي، جيڪا اڳ ۾ ملندي ھئي، گهٽ اجرت مان ھڪ ويلي جو راشن به نٿا وٺي سگھون، جيڪو گھر وڃي پنھنجي والدين ۽ معصوم ٻارن کي کارايون، جنھن به کاڌ خوراڪ جي شي جو اگهھ ٿا پڇون ته ٻيڻ تي اگهه ٻڌايو وڃي ٿو، 5 سال اڳ ۾ ڪٽي جي لوڊ ۽ لاھي 8 رپيا، جڏھن ته ڪارٽون جي 4 رپين تائين مزدوري ملندي ھئي، هاڻ سڄي ڏينھن کان رات دير تائين مزدوري ڪريون ٿا، پر گھر جي سامان جا پئسا نٿا پورا ٿين. هنن نگران حڪومت کان اپيل ڪئي ته اسان پورهيتن جي جائز مسئلي تي نوٽيس وٺي اجرت وڌائي وڃي ۽ ڪٽي جي 15 رپيا ۽ ڪارٽون جي 8 رپيا اجرت مقرر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button