پاڪستانسنڌ

جان محمد مهر ۽ فاطمه واقعن خلاف ايس ٽي پي مختلف ڌرين جون ريليون، ڌرڻا

حيدرآباد: صحافي جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف ايس ٽي پي سميت مختلف ڌرين ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي شاھنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، ميھڙ ۾ عبدالحميد سومرو، محبوب لاکير، حيدرآباد ۾ جان محمد جوڻيجو، لياقت جويو، حسين مگسي، ڪلوئي ۾ مولابخش بجير، زاهد لنڊ، مٺي ۾ گھنشام مالهي، ڏيوجي ڀيل، لالا مهيش، نئون ڪوٽ ۾ نادر جسڪاڻي، سجاد ڪنڀر، ماتلي ۾ اسلم مھندو، سرهاڙي ۾ علي ڏنو خاصخيلي، ڪامريڊ عرفان بروهي، چوهڙ جمالي ۾ عبدالواحد خاصخيلي، سڪرنڊ ۾ حسين بخش ڪيريو، عبدالقادر ڪيريو، ٻانڌي ۾ نورل جمالي، سومر جمالي، ڪنڌڪوٽ ۾ اڪرم باجڪاڻي، عصمت الله ملڪ، لاڙڪاڻي ۾ احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، رتيديري ۾ ساقي ابڙو، حسنين عباس، ميرپورٻرڙي ۾ مير مھر ۽ صفدر مھر جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي ڪارڪنن ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا. جڏهن ته ڪراچي، ڪي اين شاهه، سجاول، جاتي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به مختلف ڌرين احتجاج ڪيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي جان محمد مهر ۽ معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. جڏهن ته خيرپور نرسنگ ڪاليج جي شاگردياڻين، استادن ۽ سماجي اڳواڻن فاطمه شر، سريا دايو، فاطمه ڀٽو، اڳوڻو ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button