اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن جو نوٽيس ورتو،اڄ هنگامي اجلاس طلب

اسلام آباد :نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن واري معاملي جو نوٽيس وٺندي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. بجلي بلن وارن معاملي تي نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ نوٽيس وٺندي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم آفيس جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيرِ اعظم بجلي جي ڳرن بلن واري معاملي تي وزيرِ اعظم هائوس ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. نگران وزيرِ اعظم جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بجلي واري وزارت ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان بريفنگ ورتي ويندي، واهپيدارن کي بجلي بلن بابت وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ تي مشاورت ڪئي ويندي. ياد رهي ته بجلي ڳرن بلن خلاف ڪراچي، راولپنڊي، ملتان، گوجرانوالا سميت مُلڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، شهرين احتجاجن بجلي جا بل ساڙي ڇڏيا ۽ مختلف هنڌن تي ڌرڻا پڻ هنيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button