اسلام آبادپاڪستان

آمريڪا سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا،هر ڳالهه سان اتفاق ضروري ناهي:نگران وزيراعظم

اسلام آباد : نگران وزيِر اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آمريڪا سان هاڪاري ۽ تعميري لاڳاپا آهن پر اِهو ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ڪيو وڃي. پاڪستان جي دوري تي آيل هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مُلڪن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ۽ اختلاف رهندو آهي. اسان پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي ۽ هاڪاري ڀائيواريءَ جا خواهشمند آهيون. پر اِهو ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معامي تي اتفاق ٿئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪي گڏجي دهشتگرديءَ خلاف ڊگهي ويڙهه وڙهي آهي، اسان گڏجي عالمي امن لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، پهرين اسان جي پاڙي ۾ هڪ وڏو سُپر پاور روس موجود رهيو، آمريڪا جي قيادت ۾ اولهه وارن مُلڪن جو اتحاد به اسان جي پاڙي ۾ رهيو، جغرافيائي لحاظ کان عالمي طاقتن جي پاڙي ۾ موجودگي جو اسان تي گهرو اثر پيو. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تباهي سان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ملڪ ۾ مسئلا وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي ۽ جهموري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري آهي. هن چيو ته بهتر موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي پرڏيهه وڃڻ کي خراب نه سمجهيو وڃي، ڇا هي پهريون ڀيرو آهي ته نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن؟، بلڪل نه، هر مهيني هر سال ماڻهو پرڏيهه وڃن ٿا جيڪو معمول آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي وزيرِ اعظم چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن کان مون کي سوشل ميڊيا تي هڪ اڻپوري بيان سبب ٽرول ڪيو پيو وڃي جنهن جي مان وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. وزيرِ اعظم وڌيڪ چيوته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آمدني ۽ خرچن ۾ توازن نه هجڻ آهي. پاڪستان ۾ مسئلا وڌيڪ، خرچ ۽ وسيلا گهٽ آهن پر پاڪستان جي عوام ۾ مسئلن ۽ بحرانن مان نڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، مون ڄاڻ ناهي ته آءِ ايم ايف کي هڪ دشمن ڇو ٿو سمجهيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button